قادِرُ بابت
معنيٰ
قدرت وارو، طاقت وارو، زور وار قوي، طاقت رکندڙ. وس رکندڙ، وس وارو. اسم خاص. خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.
Eternal commander, Master, most powerful etc
قادر: (ع) قدرت وارو، شڪتيوان.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي، قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ، والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ، ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ، قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- مُون جَهليندي نَہ رَھِيا، جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَتِ پييُون، وِڄُون ويسَ ڪَري، مِينھَن وَسِي مُلِڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري، قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ دِلِ ۾ ديڳِ چاڙِه، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ، تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي گهارِيان، ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ، قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ، سَڀوئِي سَڀاڳُ،…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]