قاتِلَ بابت
معنيٰ
قتل ڪندڙ، خوني، گهاتڪ، جلاد، ڪھندڙ، خون خوار، ڪوس ڪندڙ.
Killer, slayer, homicide, murderer
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو، ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ، لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جيڏانھَن قاتِلَ ڪُلَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي، مَٿو ڪَنِ نَہ مُلَ، پِڪَ بَرابَرِ پانھِنجو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- جيڏانھَن قاتِلَ ڪوڙَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي، وِھُ تَنِي جي ووڙَ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]