فَرَحَتَ بابت
معنيٰ
خوشي، سرهائي، آنند، شادماني، خرمي، مزو، لطف، سواد، لذت، وندر. آرام، قرار، سک. سھنج، سولائي.
Cheerfulness, joy, delight, pleasure, exhilaration, euphoria.
بيتن ۽ وائين ۾
- خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي، مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ، حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اَسان کي سُوءَ، وَرُ جيڏِنِ سين جُوعَ، فاقو فَرَحَتَ ڀانيان.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- توبَه جَنِ جي تَنَ ۾، نَملِ نِھايَتَ، اَعرافِ اَباڻَنِ کي، فاتِحَه ۾ فَرَحَتَ، لُقمانِ جاءِ لَطِيفُ چئَي، سَجدَہ ساڻُ صِحَتَ،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]