فاقو بابت
معنيٰ
بُک، لَنگهڻ. غريبي، تنگ حالِي، افلاسُ، مسڪيني، ڀينگيائي، سُڃائي، تهيدستي. (فاقَه مُفلسي)
Want of food, fasting, hunger.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين، آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو، مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي، مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ، حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اَسان کي سُوءَ، وَرُ جيڏِنِ سين جُوعَ، فاقو فَرَحَتَ ڀانيان.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- فِڪرُ ۽ فاقو، مَرَڪُ مارُوئڙَنِ جو، ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئاڪو، ھِڪُ اَندَرِ اولاڪو، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]