عَينُ بابت
معنيٰ
هڪ عضوي جو نالو، اک، چشم، نيڻُ، نينُ، ڇَمُ. پاڻيءَ جو چشمو. ڪنھن شيءِ جِي خاصيت، گُڻ، جوهر، رُوح، تت. ڪنھن شيءِ جي اصليت، حقيقت. چڱائي، نيڪي، خير، خيريت. (صفت) نسورو، خاص، خود پاڻ. (سوئي عين عذابُ)
The eye. adj. Like, just like, the image of, clear, distinct.
بيتن ۽ وائين ۾
- رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ، سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ، اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ، آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ، سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- طييَئُون طالِبَنِ کي، ڪو جو پَھُ پِئو، وَتَنِ پَرَ ڀُون پُڇَندا، ٻِيُون ٻَنِ ڏِئو، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو اُتُنِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- عَينُ شِرڪُ اِيءُ، جِيئَن بي شِرڪُ ڀانيَين پاڻَ کي، وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، ھُو پُڻ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ، جَنھِن جي رُوحَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- زاھِدَ عابِدَ اورِيان، عارِفَ عَينُ مَڱَنِ، ھُو رَوادارَ رَکَتِ جا، ھِي ھَٿان ھَٿِ گُهرَنِ، ساعَتَ سالَ چَوَنِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]