عَدَدُ بابت
معنيٰ
انگ، ڳاڻيٽو، ڳاڻاٽو، تعداد، شمار، ڳڻپ، ٽوٽل، حساب، ليکو، حساب ڪتاب. لکيو، قسمت.
Figure, number, digit, a treaty, agreement. A numerical letter.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ، عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- عَدَدُ ناھِ عِشقَ جو، سُڻِي ٿِيءُ ساڻِي، ڪانِهي پُڄاڻِي، مَھِندان مُنڌَ ميھارَ جِي.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ، سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ، ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ،…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]