طَھُورا بابت
معنيٰ
بهشت جو پاڻي. بهشت جو پاڪ شراب.
Heaven wine
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ، نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- وانءُ اورانگهي اورِيان، پِيءُ مَ طَھُورا، وِچان جي وِصالَ کي، اِي سَڀَ اُجُورا، حاصِلُ حُضُورا، سَمي جي سَڀَ ٿِئي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ، تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ، سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ، دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ، پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين، اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو، وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،…[ سُر بلاول - وايون ]