صَبُرَ بابت
معنيٰ
ماٺ ۾ رهڻ، چُپ رھڻ، توازن ۾ رھڻ، ماٺ، خاموشي، سانت، شانتي. ڌيرج، تحمل، ٿامر، حلم، بردباري. برداشت، توقف، تامل. تسلي، تسڪين، اطمينان. توڪل. قناعت. دير.
Patience, forbearance, endurance, contentment, resignation.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَمِي کَمِي نِھارِ تُون، ڏَمَرَ پاسي ڏُکُ، مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جَي سَنوارِئا سَمُجهين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- کَمُ کَمندَنِ کَٽِئو، ھارايو ھُوڙَنِ، چَکِئو نَہ چُوندَنِ، ھو جَو ساءُ صَبُرَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ڪاڏي آئُون ڪَندِي، آھِيان جَنھِن سَندِي، سوئِي گُهرِجي ساڻُ مُون.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، وَٺِي آئُون ويٺِي، ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ھَٿِ ڪِئو مُون ھاڻِ، پِريَمِ اَچي پاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيجِ تُون.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]