صافُ بابت
معنيٰ
اڇو اُجرو، چِٽو، بي داغ، بي عيب، صفا ٿيڻ کرو، خالص، نِج، بنا ملاوت، نِبار. بي گناھ.
Neat and clean, tidy
بيتن ۽ وائين ۾
- صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ وُجُودَ جو، تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ، سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ، سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ، مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ، ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ، تو ۾ بُوءِ بَهارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ، اًچي عجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اڱَڻُ، توکي…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سُورَنِئُون صافُ ٿِئو، تَنُ پَسِي تو کي، وَتِين تُون ويرِکِڙا، ڇانڀُنِ ڀَرِ ڇوکي، ڏِيلَُ ڇڏِئو تو ڏوکي، سَنِيھو سُڻائي سَڄَڻين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتِرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]