سڄو بابت
معنيٰ
ثابت، سمورو، سارو. پورو، سڀ، مڙيئي، ڪُلُ، سلامت، جمله. سربستو، پيرائتو.
Entire, whole, all, perfect. Right hand
بيتن ۽ وائين ۾
- سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ، مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ، ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- مُون کي لَڪَ مَ لوڏو ڏي، آئُون جا پَٻَ پَھوڙِي آھِيان، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جي، نِينھَن نِھوڙِي ني، مُون جيھِيءَ مَعذُورِ…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جاءِ نَہ سڄو ڏِينھُن، ھِنيُون اوٺي وَڳَ جِيئَن، مُون پِريان سين نِينھُن، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ نَہ ڪِئو.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]