سِينڱ بابت
معنيٰ
ڪمان، چاپ.
A bow weapon.

بيتن ۽ وائين ۾
- سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين، سِينڱ مَنجهان سيلو، ٽينگرُ ٽِڪِئو ڪِينَ ڪِي، پارِ لَنگِهئو پِيلو، ھَڻَڻَ سان حِيلو، جانِبَ جيڏوئِي ڪِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ، ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ، ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مَنجهان ڪِيني ڪِينَ، ڪَڏِھِين ڪَنِ نَہ پِرايو، جي ھوءِ سَٽاڻِي سِينڱ، تَہ زِھَ ڇِني جوکو ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]