سِبِيائُون بابت
معنيٰ
ٽوپيائون، سِوِيائون، ڳنڍيائون، سوتلي يا ڌاڳن سان جوڙيائون. تيار ڪيائون.
Sewed, stiched, jointed, made ready.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سِڙَه سِبِي ساڄا ڪري، کُوھا کَنيائُون، بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏيائُون، لَهَرِيُون لَنگِهيائُون،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون، سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون، آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائوُن، پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]