سُڄاڻَ بابت
معنيٰ
هوشيار. چڱي ڄاڻ وارا، ڄاڻو، سِياڻا، عقلمند، هوشيار، عاقل. ڏاها.
Well informed, intelligent, quick in understanding. Sharp-witted. Sagacious. Connoisseur.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ، لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين، ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ، پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ، نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ، ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ، ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ، لاھي غَيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]