سُوالُ بابت
معنيٰ
التجا، آزي، درخواست. گهُرَ، التماس، عرض، مانگ. پرشن، حُجت، پڇا، دريافت، تڪرار، بحث.
A solicitation, request, a question.
بيتن ۽ وائين ۾
- آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين ٿِيي جانِ زَوالُ، وِھاڻِيءَ وِصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ، اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ، ڀَلا ڪَري…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ، گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ، راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]