سُرَھِي بابت
معنيٰ
سڳنڌ وارِي، خوشبوءَ سميت، معطر.
With fragrance, perfumed.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ، سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ، اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- واٽُنِ صَحيُ وِئا، وَڻَ مَنجهانِ واسِئا، ھِھَڙا ھوتَ ھُئا، سُڃَ ڪِئائُون سُرَھِي،[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- سُرَھِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀورَ کي، بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ، سَندِيءَ ھوتَ حِماتَ، ڪيچان پَھتو قافِلو.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]