سُرمو بابت
معنيٰ
اکين ۾ پائڻ لاءِ ھڪ قدرتي ڪارو سفوف، اکين ۾ پائڻ جو ڪاري رنگ جو پيٺل هڪ پٿر، سوئيرو، انجن. رڙو.
Antimony, collyrium, stibium, eyesalve

بيتن ۽ وائين ۾
- يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي، دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ، جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- نَہ ڪِي ٻانھَڙِيُنِ ۾، نَہ ڪِي ڳَرِ ھومِ، نَہ سُرمو نَہ سُونھَن ڪا، نَہ سِينگارُ ڪِئومِ، تَڏِھِين پِرِين سَندومِ، رُکو…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي رِھاءِ، ڪانِيۡ ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿِي مَ پاءِ، اَکِيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَڻَ جِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ، تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ، ريٽي جِھَڙِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ، تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]