سَڱِيڻا بابت
معنيٰ
سَڱ وارا، عَزازَت وارا، عَزيزَ، مِٽَ، مائٽَ، رشتيدارَ، ويجها، قَريبَ. مَڱِيلَ، مائٽِي ڪَيلَ.
Betrothed, affianced. Relations, connections.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا، مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا، سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا، ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين، سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا، پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھِيءَ گهايَلِ ھَڏِ گهورِي، وو مِيان، ڪيچِي مُون نَہ سَڱِيڻا، عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جي، ھِيءَ جهورِيءَ ھَڏِ جهورِي، رَھِي جا…[ سُر معذوري - وايون ]
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي، وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي، نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]