سَکَرَ بابت
معنيٰ
چڱا، موچارا، خوش، چڱا ڀلا، تازا تڪڙا، فرحتي. وڻندڙ، پسنديءَ جھڙا.
In health, well, recovered, well off, well to do. Good, virtuous, better.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏَمَرُ ڏُونگَرَ ڄامَ، سَکَرَ پاڻَ شَرِيڪِ سين، ڪيھِي ڪُلفَتَ تَنھِن سين، جا گولِي آن جي گامَ، وَرِجِ تُون وَرِيامَ، مُنھِنجو…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- گُذَرِ گَئِي گُذرانُ، ڪِينَ قَبُولِجِ ڪاپَڙِي. عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَرَ سَناسِينِ کي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گهارِئا بَندَ ۾، واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن، نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ، جُھ لاکَ رَچَنِ لوئِيُون، تَہ سالُنِيُون سُونھَنِ، اُنَ ايلاچَنِئا اِڳرِي، بَخمَلَ بافِتَنِ، سَکَرَ ڀانيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]