سَڙي بابت
معنيٰ
ٻَري، پچي، کامَي، جَلي، دُکي، ڀَڙُڪي. تَپي. باهِ ۾ پڄري، جوش ۾ اچي. ڳري، چَٽُ ٿئي.
To burn, be inflamed. To rot, decay, fade away, molder, mortify. To be envious.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏُونگَرَ مُنھِجي ڏُکَ جو، تان تُون واقِفُ ٿِيءُ، وَٽان وَٺِي وِئا، پَهَسُ مُنھِنجو پِيءُ، ڀَڄِي پَراھُون ٿِيءُ، ماتان سَڙين پِريان…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سانجِهيءَ ويرَ، سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، ڀِرَنِ اِھَڙا ڀيرَ، پِرھَ اُکاڙِيَسِ پيرَ، ھَلِي دانِھياڻِي ڏانھَن داسَڙي.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]