سَڙي جي سنڌي معنيٰ
ٻَري، پچي، کامَي، جَلي، دُکي، ڀَڙُڪي. تَپي. باهِ ۾ پڄري، جوش ۾ اچي. ڳري، چَٽُ ٿئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To burn, be inflamed. To rot, decay, fade away, molder, mortify. To be envious.
سَڙي جا بيتن ۾ حوالا
ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري،
اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري،
ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا ڄيري،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪَنبي ۽ ڪيري،
نِينھُن نبيري، جِيئَن سَڙي تِيئَن سَنِرو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 7 ]

نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 11 ]
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 11 ]
English Meaning
To burn, be inflamed. To rot, decay, fade away, molder, mortify. To be envious.