سَوَڙِ بابت
معنيٰ
ٿلهو گرم اوڇڻ. ڪپھ پيل رضائي، پٿرائي، پٿرڻي، چيري.
A counterpane or quilt, quilted with cotton.

بيتن ۽ وائين ۾
- سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو، تَنِي حالُ ڪِھو،…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- اُتَرُ اوتُون ڏي، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، سِيءُ سارِيندِيُون سي، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، چاريئِي چُنِيءَ پوتَ، ريڙِھِيندي راتِ گَئِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]