سَنِيھَڙا بابت
معنيٰ
محبت جا پيغام، نياپا، سلام ، سَندِيسا.
Messages, love letters, news, memos.
بيتن ۽ وائين ۾
- ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ، ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ، چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَھين سِڄَ، آئُون جي ڏِيئيِن سَنِيھَڙا، نيئِي پِريان ڏِجِ، وَڃِي ڪيچِ چَئِجِ، تَہ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ، آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ، چُئان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن، جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن، سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ، آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ، چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ، ڪَنڊا…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]