سَلَنِ بابت
معنيٰ
ڏَسَن، ٻُڌائن، سُڻائن، ڏَسُ ڏين، پتو ڏين، خبر ڏين. ظاھِرُ ڪَن. سَچي ڪن. پارُ ڏين، باسن، قبول ڪن، مڃن، اِقرارُ ڪن، رازُ اورن.
To disclose, divulge, give information, perforate.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو، ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ، لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي، جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي، اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڌات، جاڳَڻُ جُسَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ، اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ، مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ، جٖي تو…[ سُر آبڙي - وايون ]