سَفَرُ بابت
معنيٰ
مُسافِرِي. سيرُ، ڪَھُ، اُجهاڳو، اَجهاڳُ، سَئِلُ، شَيلُ. ڪُوچَ، رَوانگِي. وَقت.
Travelling, going outside, abroad, departure
بيتن ۽ وائين ۾
- سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ، تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون، مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو، اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳِئان سَفَرُ سَٽاڻو، آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو، پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا، اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا، سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ، ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ، سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]