سَفَرُ جي سنڌي معنيٰ
مُسافِرِي. سيرُ، ڪَھُ، اُجهاڳو، اَجهاڳُ، سَئِلُ، شَيلُ. ڪُوچَ، رَوانگِي. وَقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Travelling, going outside, abroad, departure
سَفَرُ جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو،
ماڻُهو ڏِينِ مُبارَڪُون، اِھو پُڻ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَفَرُ سابِ پِئو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 4 ]

سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين،
چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ،
تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 16 ]
چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ،
تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 16 ]
وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون،
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو،
سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيھُ چِتايو،
اُنِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 12 ]
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو،
سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيھُ چِتايو،
اُنِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 12 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳِئان سَفَرُ سَٽاڻو،
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ،
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]
ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ پُنهونءَ جي،
سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 34 ]
سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 34 ]
English Meaning
Travelling, going outside, abroad, departure