سَفَرِ جي سنڌي معنيٰ
مُسافِرِي. سيرِ، ڪَھِ، اُجهاڳي، اَجهاڳِ، سَئِلِ، شَيلِ. ڪُوچِ، رَوانگِي. وَقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Travelling, going outside, abroad, departure
سَفَرِ جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 9 ]
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 9 ]
اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهہ کي،
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
وَڃيئِي وِسَرِي شالَ، جو تُون سودو سِکِئو،
اَڃا آئِيين ڪالَهہ، پُڻۡ ٿو سَفَرِ سَنبَھين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 4 ]
اَڃا آئِيين ڪالَهہ، پُڻۡ ٿو سَفَرِ سَنبَھين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 4 ]
وَڻِجاري جِي ماءِ، وَڻِجارو نَہ پَلِيين،
آيو ٻارَھين ماھَ، پُڻ ٿو سَفَرِ سَنبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 16 ]
آيو ٻارَھين ماھَ، پُڻ ٿو سَفَرِ سَنبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 16 ]
ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،
پايو پاندُ ڳِچِي ۾، زورِ ڪَري زارِي،
ڪانُ ھَڻِي ڪارِي، وِئو وَڻِجارو اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 6 ]
پايو پاندُ ڳِچِي ۾، زورِ ڪَري زارِي،
ڪانُ ھَڻِي ڪارِي، وِئو وَڻِجارو اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 6 ]
ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِي ڪالِهُوڻا،
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ،
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، آسَڻَ اُجهائِينِ،
رُخصَتَ رُئاڙِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 34 ]
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، آسَڻَ اُجهائِينِ،
رُخصَتَ رُئاڙِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 34 ]
تان ڪِي وَٽِنِ ويھُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ،
ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 3 ]
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ،
ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 3 ]
English Meaning
Travelling, going outside, abroad, departure