سانڍِڻُ بابت
معنيٰ
بچائڻ، سنڀالڻ، سنڀال لھڻ، تاتڻ. رکڻ، ڌرڻ. پچائڻ، حفاظت سان رکڻ، خبرداري ڪرڻ. رکي ڇڏڻ. لڪائڻ.
To take care of, watch, keep, nourish, cherish.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ، سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ، مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو، ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَھَڻُ تَہ ڪَچائِي، سُورَ نَہ سانڍِڻُ سُٿِرا، اَڃا تَہ آئِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏُکَ سين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]