رِندَ بابت
معنيٰ
نتيجن کان بي پرواھ. لا اُٻالا. لاغرض. مست، متوالا. بھادر. فقير، مست، سچا. ثابت قدم. اڻموٽ.
Those who do not follow the religious conditions, sceptics, knaves. Wanderers, travellers, Sufis, saints, insolents, reckless, fear-naught fellows.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرِجَن سين، سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ، سَراھِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ، ڪي رِندَ پَروڙِينِ رازُ، قَضِيو ڪَربَلا جو.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڳُجُهہ پانھِنجي ڳُجَهہ کي، رِندَ رَساڻي لاءِ، اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ، روزو رِندَ رَکَنِ، عِيدَ نَہ اوڏا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]