رَسُولُ بابت
معنيٰ
خدا تعاليٰ جي طرفان موڪليل اهو نبي سڳورو جنھن تي ڪتاب نازل ٿئي. قاصد ، پيغامبر. ايلچي.
An apostle, prophet.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا، مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا، جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو، اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو، آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]