رامَ بابت
معنيٰ
هندو ڌرم ۾ وڏي اوتار. ايوڌيا جي راجا ”دسترت“ جي وڏي پٽ ”شري رامچندر“.
Rama, a name of the deity Hindu.

بيتن ۽ وائين ۾
- گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندي ڏيھَ تي، توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تان مَ، اوٺِيئَڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- بِيا مَنِ تَہ گِردِ نِنڌُون، ٿِئي گُفِتا مَني گوشَ، مَنِ اوزي بَرامَ سين، ھُو ھاڙِھي جا بَلوچَ، اُشتِر اُنَهِيءَ پارَ…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ حَمامَ، آرامان اَرَڳِ ٿِئا، اوڏا نَہ آرامَ، ڪِئائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سَتين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڌاڳا ڌوئائُون، اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون، رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون، وَڏِيءَ ڪَنھِن…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- تَڪِيا تاڪِيائُون، وِئا رَمَندا رامَ ڏي، کِجان خَبَرَ نَہ لَھان، آديسِيَنِ آئُون، ڪَنھِن کُوڻِ کَنيائُون، ڪاڏي وِئا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي نَڪو، ڪو مِٽِيءَ ڪو مائِٽِيءَ، ڪو روچِيءَ کي روءِ، رامَڪَلِي سو ڪَھي، جَنھِن جي ڀاڳَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- جوڳِينِ جي جُڳَنِ جِي، مَٿي ۾ مِٽِي، نانگَنِ نِنڊَ ڦِٽِي، وِئا رُوَندا رامَ ڏي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- گهِنڊَنِ پاسي گهِنڊَ، گُذارِينِ گودَڙِئا، پَليتِيءَ کان پانھِنجا، پاڪَ رَکِئائُون پِنڊَ، نانگَنِ ڪِي نَہ نِنڊَ، رُوَندا وَھِئا رامَ ڏي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- راتِيان رُڻ جُهڻ رامَ سين، ڏِينھان ڪَنِ سَنانُ، جوڳِي سي اَنانُ، وَٿُون جَنِ وِرائِيُون.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ، ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ، ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ، إِنَّ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]