دِلبَرَ بابت
معنيٰ
دل کڻي ويندڙ، دل وارا، دل گهُريا. وڻندڙ، موھيندڙ، موھڻا، سُندَر، خاصا، سھڻا، حَسِين. پيارا، محبوب، معشوق، مُوھَن، سُپرين، ساجَن، مُحب، پِرين.
Heart-ravishing, beloved, lovely, attractive, charming. A sweetheart.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي، مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ، سِڪان ٿِي سِنگهارَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري، ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ٿِئَڙَم سُورَ سَمَرَ، اي دِلبَرَ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اَنوَرَ، آھي عَبدالَطِيفُ کي، پِيراڻِي پاکَرَ.[ سُر معذوري - وايون ]
- آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو، ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ، دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ، ٻِئو…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ خَبَرَ، لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ، ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.[ سُر پورب - ڪانگ ]