داسَڙا بابت
معنيٰ
ليلا پاران پنھنجي ور چنيسر لاءِ خاص نالو. (شاھ جي رسالي ۾ منسوب ڪيل چنيسر لاءِ) گر.
Love name for Chanesar by Leela his wife. Only used in Shah Jo Risalo.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي وِلِهي ڪَرِيين وَلَها، تَہ اڱَڻِ تو آئِي، ڪانڌَ ڪوٺِجِ ڪَڏِھِين، ٻَرِ ٻَرِ ٻاجهائِي، وارِجِ ڪا وائِي، دِلاسي جِي داسَڙا.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا وائيءَ وارِ، جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ، ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا آئُون ڍائِي، ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي، پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا، جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ، سائِينءَ لَڳِ…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين، تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ، گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- آھِين سُونھون ساٿَ جو، ھِتي ھُتي تُون، گُناھَ نَہ بَخشِيين مُون، تُون ڌَڻِيَمِ آھِين داسَڙا.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو تو ڏُھاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داسَڙا، دِلِ اَندَرِ مُون داڳُ، ڀانيان سَڀَ سُھاڳُ، جي مُون کي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نَئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]