خاصُ بابت
معنيٰ
نِج، اصل، شُڌ، مخصوص ڪيل، ذاتي، خانگي، شخصي، پنھنجو. سٺو، چڱو، چوکو. چونڊيل
Proper, Limited, Original, dedicated
بيتن ۽ وائين ۾
- جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، جَڏھِن جوڙِيائِين، خاوَندُ خاصُ خَلِقي، مُحَّمَدُ مُڪائِين، ڪَلمُو تَنھِن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائِين، اَنا مولاڪَ وَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي، دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ، جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- پَسِئو پَسائي، نُورُ نَبِيَ جو، ظاھِرُ ٿِئو زَمِينَ تي، ڏيھَنِ جو ڏِيو، خاوَندَ خاصُ خَلقِئو، ھِھَڙو ڪونَہ ٻِئو، ڍَرَندو ڇَٽُ…[ سُر بلاول - وايون ]
- اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ، آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ، توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]