جِيجان بابت
معنيٰ
ماءُ لاءِ پيار جو لفظ. ماءُ، امَڙِ، امان. ڪنھن بہ عورت لاءِ عزت جو لقب. ننڍڙي ڇوڪريءَ لاءِ پيار و لفظ.
Word for mother, nick name used for mother or any respectable lady. Mother, calling word for any sweet girl.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ، ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏَ، سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ، لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، رَمِي وِئَڙا راتِ، بي تَرَسُ بَلوچَنِ جِي، جِيجان گهَڻِي ذاتِ، آئُون پيرَ کَڻان پِرڀاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو، اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ، جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- لُڇَڻُ نَہ لاھِينِ، گُوندَرَ ھِنَ غَرِيبِ تان، پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي نَہ پاڙِينِ، سا پَرِ ھوتَ نَہ سِکِئا، جَنھِن پَرِ جِيارِينِ، مُون کي ٿا مارِينِ، جِيجان…[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي، اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي، پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنھِن جَنھِن ڪُٺا ڪاتِ، جِيئَن سامِي مُورِ نَہ سَنِرا، ڏِينھان ڏُکي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄِيائِي راتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دَڙَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ، جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]