جِيجان جي سنڌي معنيٰ
ماءُ لاءِ پيار جو لفظ. ماءُ، امَڙِ، امان. ڪنھن بہ عورت لاءِ عزت جو لقب. ننڍڙي ڇوڪريءَ لاءِ پيار و لفظ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Word for mother, nick name used for mother or any respectable lady. Mother, calling word for any sweet girl.
جِيجان جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ،
ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 11 ]

ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏَ،
سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ،
لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 20 ]
سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ،
لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 20 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، رَمِي وِئَڙا راتِ،
بي تَرَسُ بَلوچَنِ جِي، جِيجان گهَڻِي ذاتِ،
آئُون پيرَ کَڻان پِرڀاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 15 ]
بي تَرَسُ بَلوچَنِ جِي، جِيجان گهَڻِي ذاتِ،
آئُون پيرَ کَڻان پِرڀاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 15 ]
مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
لُڇَڻُ نَہ لاھِينِ، گُوندَرَ ھِنَ غَرِيبِ تان،
پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 16 ]
پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 16 ]
رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي نَہ پاڙِينِ،
سا پَرِ ھوتَ نَہ سِکِئا، جَنھِن پَرِ جِيارِينِ،
مُون کي ٿا مارِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 17 ]
سا پَرِ ھوتَ نَہ سِکِئا، جَنھِن پَرِ جِيارِينِ،
مُون کي ٿا مارِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 17 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي،
اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي،
پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 14 ]
اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي،
پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 14 ]
ڪَنھِن جَنھِن ڪُٺا ڪاتِ، جِيئَن سامِي مُورِ نَہ سَنِرا،
ڏِينھان ڏُکي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄِيائِي راتِ،
سَندِي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان ھوءِ جَڏارِئُين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 1 ]
ڏِينھان ڏُکي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄِيائِي راتِ،
سَندِي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان ھوءِ جَڏارِئُين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 1 ]
وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دَڙَ،
ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ،
جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.
[ سُر پورب، جوڳي، 9 ]
ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ،
جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.
[ سُر پورب، جوڳي، 9 ]
English Meaning
Word for mother, nick name used for mother or any respectable lady. Mother, calling word for any sweet girl.
جِيجان ٻول جا زمرا