جُهڙَ بابت
معنيٰ
آسمان جو ڪڪرن سان ڇانئجڻ واري حالَتِ، آگم، ڪَڪَر، بادلَ، ميگهہ. ڪڪرن جي ڇانوَ.
Clouds over sky, condition before raining on sky, shadow of clouds.

بيتن ۽ وائين ۾
- چَنڊَ کي چورائي جُهڙَ جَهپيئيِ نَہ وَڃيين، اُونداھِي آھي، اَجهو عاشِقَنِ جو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، جُهڙَ جِيئَن جهالا ڏي، آئُون تَنھِن آرِيءَ کي، وَٺِئو راھَ رُئان گهَڻو.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- سَوين ٻِئا سَردارَ، پانڊَپَ سين نَہ پاڙِيان، آھي مِثلِ مِينھَن جي، سَخِي تُنھِنجِي سارَ، حاتِمَ ھَڙدَه ھَزارَ، جُهڙَ تُنھِنجي جَهپِئا.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]