جَوابُ بابت
معنيٰ
سوال جو حَل. وَراڻي، وَرندِي، اُتَرُ. امتحاني سوال جو جواب. اِنڪار، ناڪارُ، بدلو، عِوض، مِثال، ثاني، هَمسَر، برابر، موقوفي، نيڪالي نوڪريءَ مان، معزولي، مُقابِلُ، جوڙُ، مَٽُ، طلاق.
An answer, reply, refusal, discharge from service.
بيتن ۽ وائين ۾
- رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ، سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو، مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ، آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- جَتَنِ سين جَوابُ، ڪِھَڙو ڪَندِيَسِ جيڏِيُون، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ، آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَبَلُ ڏي نَہ جَوابُ، اَڳِئان آرِيچَنِ جو، سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- سامِي کامِي پِرِينءَ لَيءِ، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ، اوتِينِ اَرَتي گاڏُئُون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ، تِھَڙو ڏِسَنِ ڏوھُ کي، تِھَڙو تَنِ ثَوابُ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو، قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ، تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرِ چَئِي، جِسمان…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- نَہ خَبَرَ نَہ خُوابُ، نَڪو اوٺِي آيو، ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ، حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]