جَهنگَلَ بابت
معنيٰ
جهنگ، ٻيلو، اها زمين، جنھن تي گهاٽا قدرتي وڻ هجن.
Forest, wood, jungle, woodland, overgrown plantation.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ، ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ، جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ جَهنگَلَ ۾جُهوپي، جي اَباڻَنِ اَڏِئا، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي، ويندِيَسِ ويڙِهيچَنِ ڏي، لوھَ ڀَڃي لُوپي، چِڀِڙَ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]