جَهنگَلَ جي سنڌي معنيٰ
جهنگ، ٻيلو، اها زمين، جنھن تي گهاٽا قدرتي وڻ هجن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Forest, wood, jungle, woodland, overgrown plantation.
جَهنگَلَ جا بيتن ۾ حوالا
مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ،
ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ،
جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 23 ]
ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ،
جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 23 ]
کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ جَهنگَلَ ۾ جُهوپي،
جي اَباڻَنِ اَڏِئا، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي،
ويندِيَسِ ويڙِهيچَنِ ڏي، لوھَ ڀَڃي لُوپي،
چِڀِڙَ آئُون چُوپي، سِڪَ لاھِيندِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 5 ]