جاجِڪُ بابت
معنيٰ
راڳيندڙ، وڄائيندڙ، ڳائيندڙ، ڳائڻو. منگتو، پينو، گداگر. (آڳاٽي وقتن ۾ جاجڪ مرڻن پرڻن تي اچي ڳيچ يا اوسارا ڳائيندڙ. لاڏِر، رودالي)
A class of Hindus who beat the damuru and performs other office in connection with the Brahman at marriages and deaths.

بيتن ۽ وائين ۾
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِتِ، جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ، مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ، وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، جاجِڪُ وَٺِي جِيءُ، ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ، والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ، جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو، ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو، شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو، دايُون…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پاڻُ، ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ، راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پيھِي، ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي، راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ، صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبُوحِ، ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَرِ تَنِي جِي ڪا، جاجِڪُ آھين جَنِ جو، سَٻَڙَ گهَڻو سُهاءِ، تَندُ تُنھِنجِي مَڱڻا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]