تُرَھي بابت
معنيٰ
ڪکن، ڪانن ۾ ڪاٺين جو نوڙين ۽ رسين سان تر ٻڌي پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ ٺاھيل ھڪ قسم جو منجو.
A raft of wood and reeds.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ مَ لاھيجِ، لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، تُرَھي اِنَ تَريجِ، حَبِيباڻي ھيجِ، پَسِين مُنھُن…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ، اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ، عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاءِ، صُباحَ تان چُونداءِ، تَہ اَسان تو اُڪارِئو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ مَ لَڳُ، جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ، پاءِ تيڏاھِين پَڳُ، نانھِن جيڏاھِين نِجِهرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي، پِرِتان پِيتائِين، تُرَھي سَندِي تارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيائِين، ٻَنڌَڻَ جٖي ٻَڌَڻَ جا، سَڀَ ڇِڪِيءَ ڇِنائِين،…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]