تيھا بابت
معنيٰ
اُن جھڙو، تھڙو ”جيھو“ جو جواب موصول. ”جيهو“ سان گڏ استعمال ٿيندڙ.
Like that, same as.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻَڙِي مادَرِ ماءُ، مُون ۾ بِرِھُ بَلوچَ جو، مُون کي لَڳَڙو ڪانُ شِتابا، ٻَرِيَمِ ٻاروچَنِ جا، ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيا، ڏُکوُن…[ سُر ديسي - وايون ]
- جيھا تان نَہ تيھا، نيڻَ پِريان جا نائُڪُون، ڪوڙيِين ڪُٺا ڪيتِرا، اِلماسَ جيھا، پَسِي پَرِ اِھا، عَجَبُ ٿِئو اَجَلَ کي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نَہ تَہ پاڳارا پُرسَ ٻِئا، ڳَھڙَ تُنھِنجي ڳَنڃَڙي، اَچي جالَ جَڳَٽُ، جَنِ جيھوئِي پَٽُ، تَنِ تيھائِي…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جيھا جٖي تيھا، مُون مارُو مَڃِئا، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِينِ موڪَ مِھا، مُنھِنجِي آهَ اِها، ڪيرائِيندِي ڪوٽَ کي.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]