اِبرَ بابت
معنيٰ
ڏنڀ، داڳ. (باھ تي گرم ڪيل لوھ جي ٽڪر سان بدن تي لڳايل نشان) تيزاب سان لوهي هٿيار تي ڏنل نشان. جوهر شمشير.
Scar, wound mark, burning mark
بيتن ۽ وائين ۾
- اِبرَ دانائي جٖي، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين، ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين مَنُ، ھَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَھِ وِڌائُون تَنُ، ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- پاڇاھِي نَہ پاڙِيان، سَرَتِيُون سُوئِيءَ ساڻُ، ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ، ٻِيھَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]