اِبرَ جي سنڌي معنيٰ
ڏنڀ، داڳ. (باھ تي گرم ڪيل لوھ جي ٽڪر سان بدن تي لڳايل نشان)
تيزاب سان لوهي هٿيار تي ڏنل نشان. جوهر شمشير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Scar, wound mark, burning mark
اِبرَ جا بيتن ۾ حوالا
اِبرَ دانائي جٖي، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين،
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين مَنُ،
ھَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَھِ وِڌائُون تَنُ،
ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 22 ]
ھَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَھِ وِڌائُون تَنُ،
ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 22 ]
پاڇاھِي نَہ پاڙِيان، سَرَتِيُون سُوئِيءَ ساڻُ،
ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ،
ٻِيھَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 23 ]
ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ،
ٻِيھَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 23 ]
English Meaning
Scar, wound mark, burning mark