اُھُڃُ بابت
معنيٰ
سڃاڻپ جي نشاني. نشان، پار پتو، ڏسُ. اشارو. اُهڃاڻ. ساڄيءَ اک جو اشارو جو ڪنھن ڪم يا نشاندهيءَ لاءِ ڪبو آهي.
Sign, mark, token.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ، آھي اِي اُھُڃُ، ھاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڏوٿِيا ڪو اوٺِيَنِ جو، مُون کي اُھُڃُ ڏِئو، سَچُ ڪِي ساٿَ نِيو، پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ، آھي اِيءُ اُھُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- تَرَڪُ ڪَرِ تَرَڪَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ، آھي اِيءُ اُھُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]