اُھُڃُ جي سنڌي معنيٰ
سڃاڻپ جي نشاني. نشان، پار پتو، ڏسُ. اشارو. اُهڃاڻ. ساڄيءَ اک جو اشارو جو ڪنھن ڪم يا نشاندهيءَ لاءِ ڪبو آهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sign, mark, token.
اُھُڃُ جا بيتن ۾ حوالا
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ،
آھي اِي اُھُڃُ، ھاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 4 ]

ڏوٿِيا ڪو اوٺِيَنِ جو، مُون کي اُھُڃُ ڏِئو،
سَچُ ڪِي ساٿَ نِيو، پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 9 ]

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]

وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ،
آھي اِيءُ اُھُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 6 ]
آھي اِيءُ اُھُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 6 ]
تَرَڪُ ڪَرِ تَرَڪَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ،
آھي اِيءُ اُھُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 7 ]
آھي اِيءُ اُھُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 7 ]
English Meaning
Sign, mark, token.