اُھڃاڻَ جي سنڌي معنيٰ
نِشان، پتو، پارُ، ڏَسُ، علامَت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A sign, token given as an evidence of anything. A feature, lineament.
اُھڃاڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي ڪَنِ نَہ پاڻَ،
اَگها اِنَ اُھڃاڻَ، پَسو سُورَ سِجهايا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 3 ]
اَگها اِنَ اُھڃاڻَ، پَسو سُورَ سِجهايا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 3 ]
ووڙِيَمِ سَڀَ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،
ٱللهُ بِڪُلِّ شَىۡءٍ مُّحِيۡـطًا ، اِي آرِياڻِيءَ اُھڃاڻَ،
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينِهي ٻِئو ٻَروچَ ري.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 15 ]
ٱللهُ بِڪُلِّ شَىۡءٍ مُّحِيۡـطًا ، اِي آرِياڻِيءَ اُھڃاڻَ،
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينِهي ٻِئو ٻَروچَ ري.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 15 ]
تَتِيءَ ڪَري تاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَہ وِھي،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ،
پُڇي پَھَ پَکِيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرياڻَ،
ڏِنَسِ ڏيھَ وَڻَنِ جا، تَنِ اللهَ لَڳِ اُھڃاڻَ،
مانَ پَرچِي پاڻَ، اَچِي آرِياڻِي وَري.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 15 ]

کَڻَنِ نَہ کَرڪاڻَ، پَنڌِ پَراھين ھَلِئا،
ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ،
کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 26 ]
ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ،
کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 26 ]
مَنَ مُنڊائُون پييُون، مُون کي سامِيَنِ ساڻُ،
نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ،
پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ،
کِدائُون ۽ گودَڙِيُون، سَدا سامِيَنِ ساڻُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، اِھَڙائِي اُھڃاڻَ.
[ سُر پورب، وايون، 5 ]
نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ،
پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ،
کِدائُون ۽ گودَڙِيُون، سَدا سامِيَنِ ساڻُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، اِھَڙائِي اُھڃاڻَ.
[ سُر پورب، وايون، 5 ]
ٽاٽوڪِينِ پَلاڻَ، سَدا ھَڻَنِ کَرکَرا،
لاکي لوڙائُن جا، اِھَڙائِي اُھڃاڻَ،
تَنگَنِ ڏيئِي تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 21 ]
لاکي لوڙائُن جا، اِھَڙائِي اُھڃاڻَ،
تَنگَنِ ڏيئِي تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 21 ]
پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ ڪَنِ پَرياڻَ،
اِھَڙا جَنِ اُھڃاڻَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 33 ]
اِھَڙا جَنِ اُھڃاڻَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 33 ]
ٻاروچا ٻاجهَہ پَئِي، مان کي نِيندا ساڻُ،
ڏِيندا مُون ڏُکِي کي، اَلَھَ لَڳِ اُھڃاڻَ،
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، پِرِيَنِ چَيو پاڻَ،
اِنَّ اللّـٰهَ يَغْفِرُ الذُّنُـوْبَ جَـمِيْعًا ، اِي پُنهونءَ جا پَرياڻَ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 3 ]