اُھڃاڻُ جي سنڌي معنيٰ
نِشان، پتو، پارُ، ڏَسُ، علامَت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A sign, token given as an evidence of anything. A feature, lineament.
اُھڃاڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو،
وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ،
سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 27 ]

نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ،
اِھَڙو جَنِ اُھڃاڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 32 ]

پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، پَلِ پُوڄا کان پاڻُ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ،
تَعلَقُ ڇَڏَڻَ تَڪِيا، اِيءُ آديسيَنِ اُھڃاڻُ،
ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 16 ]