اَڏي بابت
معنيٰ
ٺاھي، جوڙي، تيار ڪري، راس ڪري، بڻائي، بنائي، اڏاوت ڪري.
Construct, develop, build, manufacture
بيتن ۽ وائين ۾
- ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏُورِ ٿِئي، تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- جَنِي سَنديءَ ٻوڏِ ۾، ڀَتوُن ڀَتين جِيءُ، تُون تَنِي سان ٿيءُ، اوڏا اَڏي پکَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- مُون کي جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي ڳالِهہ ڪَري، ڊَٺو اَڄُ اَڏيِو، ھِينئَڙو ڪوٽَ بُرِجَ جِيئَن.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ڪا جَا راڻِي مَنَ ۾، جِيئَن نَہ ٿو دِلِ گَڏي، مَحَلَ ماڙِيُون بَنگُلا، اوڏاھِين اَڏي، مارِيَسِ اِنَهِيءَ مامِري، جِيئَن وِئو…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- اَڏي اَڏي اولَ، ڇَڏي وِئا ڀيڻِيُون، ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وَھِئا ڀيڻِيُون، ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اَڏي وِئا اوڏَ، حُجِرو لاکي ڄامَ جو، پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي، مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي، وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ڳالِهيُون ڳُڻَ ڇَڏي، سَنڪي سَندي سُومَري، وِئَڙا راڄَ لَڏي، وَڃِي ويٺا ويڙِهيين، اَجهائُون اَڏي، ڀِرِي ڀاڳِ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان، ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون…[ سُر مارئي - وايون ]