اَڄاڻِ بابت
معنيٰ
اَڻ ڄاڻ، اَٻوجهہ. بيخبر، ناواقف. سادي سُودي. بي سمجهہ، بي وقوف. اگياني، بي علم، جاهل. نادان، بي عقل، اَياڻي. جنھن کي ڄاڻ نہ هجي.
Aloof, simple, one who do not know.
بيتن ۽ وائين ۾
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ ٻَڌِي چوتو، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ کي، پارِ وَڃِي پَھتو، گهوتي ۾ گهوتو، اَچي ڪو مَ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ھِيڪَلِيائِي ھاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي، ليڙَنِ سين لَطِيفُ چئَي، پُوندِيَسِ پَنڌِ پَرياڻِ، رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ، ڪَندِيَسِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، جَنھِن سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ، رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سان، اللهَ سيئِي آڻِ، پِييَمِ جا پِرِيَنِ سين ، سا ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ، آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن، آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ، ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، سُوڀِي ساڻُ سُڄاڻِ، آھِين گهَڻو اَڄاڻِ، مَڇُڻ پُوري نَہ پَئين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وَرَ سين وِجِهئو ڪاڻِ، کَرَ سين کِلِئو اُٿِيين، ڀورِي مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇڏِئو تُھَ ميڙِيين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]